محمد خان جروار

محمد خان جروار

محمد خان جروار

محمد خان جروار: ليکڪ ۽ زرعي ماهر محمد خان ولد حاجي احمد جروار، 24 مارچ 1959ع تي ڳوٺ مبارڪ جروار، تعلقي چمبڙ ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ جو امتحان اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏيءَ مان پاس ڪري، وڌيڪ تعليم لاءِ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان 1982ع ۾ ايم. ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي. 1983ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري زراعت کاتي ۾ زرعي آفيسر مقرر ٿيو. 1992ع ۾ زراعت کاتي طرفان اسڪالرشپ تي، آمريڪا جي يونيورسٽي آف وسڪانسن ميڊيسن مان ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ۾ ايم. ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. زراعت کاتي ۾ سندس گهڻو عرصو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي زرعي پروگرامن واري شعبي ۾ گذريو آهي. جتي پروگرامن جي رٿابنديءَ سان گڏ جديد زراعت جي ڄاڻ کي عام ماڻهن تائين پھچائندو رهيو آهي. کيس لکڻ ۽ پڙهڻ سان به ڪافي دلچسپي رهي آهي. زرعي مسئلن تي سندس ڪيترائي مضمون زرعي رسالن ۾ ڇپبا رهيا آهن. مضمونن کان سواءِ، سندس آمريڪا جو سفرنامو ’نئين دنيا، نوان رنگ‘ (2005ع) به شايع ٿيل آهي. جڏهن ته زراعت بابت سندس ڪتاب ’زرعي سائنس‘، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ مان 2011ع ۾ شايع ٿيو. ان کان علاوه ’سعودي سعادت‘ (سعودي عرب جو سفرنامو: 2015ع)، ’سنڌ جو کارو‘ (تحقيق: 2020ع)، ’هاءِ اسڪول مبارڪ جروار‘ (ترتيب: 2019ع)، ’سنڌ جو ٿر‘ (تحقيق: 2023ع) ۽ ’سنڌو ماٿري تھذيب‘ (ترجمو: 2022ع) ڇپجي چڪا آهن.


لفظ محمد خان جروارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.03.24  عيسوي

محمد خان ولد حاجي احمد جروار ، 24 مارچ 1959ع تي ڳوٺ مبارڪ جروار ، ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهو بيگم عرف صاحب دولت
رضوي سيد محمد ظهير
جيوترام ويڙهومل مٽائي
عبدالمجيد مري سنڌي پروفيسر
ايس آر راءُ
طائي
ڄام صادق علي (سياستدان )
آدمجي حاجي دائود
استاد انور علي سانگي
ڄاموٽ سيد حاجي جلال شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون